تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-05-05 عيسوي تاريخ ۾


1909.05.05ع :  هن کي 1906ع ۾ سرڪار پاران ڪراچي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر نامزد ڪيو ويو، جنهن تي وري 5 مئي 1909ع ۾ ٻيهر ... وڌيڪ پڙهو 1912.05.05ع :   عوامي شاعر، مائي سڀائي ڌيءَ غلام محمد سومرو، 5 مئي 1912ع تي ڳوٺ نئين واهه، تعلقي خانپور، ضلعي شڪارپ... وڌيڪ پڙهو 1926.05.05ع :   سماجي، سياسي ڪارڪن عبدالهادي راجسٿاني، ٻاڙمير جي مشهور عالم مولوي الحاج محمد حسن جي گهر ۾، 5 مئي 19... وڌيڪ پڙهو 1928.05.05ع :  آفاق صديقي 5 مئي 1928ع تي شيخوپوره ، ضلعي فرخ آباد ( ڀارت ) ۾ جنم ورتو .... وڌيڪ پڙهو 1945.05.05ع :  سريچند پنجومل صابلاڻي، 5 مئي 1945ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1954.05.05ع :  نامور تعليمي ماهر، شاعر، اديب ۽ سماج سڌارڪ شفيع محمد ولد جمع خان چانڊيو، 5 مئي 1954ع تي ڳوٺ بچل خان ... وڌيڪ پڙهو 1956.05.05ع :   نامياري ڪهاڻيڪار رفيق احمد سومري جو پورو نالو رفيق احمد ولد عبدالحق سومرو آهي. هن 5 مئي 1956ع تي سک... وڌيڪ پڙهو 1957.05.05ع :  شاهه محمد نابينا مفلسيءَ جي حالت ۾ ميرپور بٺوري جي اسپتال ۾ 5 مئي 1957ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرامگ... وڌيڪ پڙهو 1962.05.05ع :  سماجي ڪارڪن ۽ قومپرست شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر ڪمال راهمي، 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدا... وڌيڪ پڙهو 1963.05.05ع :  نامياري ڪلاسيڪـل راڳـيءَ ذوالفقار عليءَ، 5 مئي 1963ع ڌاري حيدرآباد ۾ استاد نياز حسين قريشيءَ جي گھر ... وڌيڪ پڙهو 1964.05.05ع :  اداڪار، صداڪار ۽ ڪمپيئر محمد اشرف بلوچ 5 مئي 1964ع تي ڳوٺ سرهاڙي، شھدادپور ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1969.05.05ع :  نوجوان شاعر پريم پتافيءَ جو اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ 5 مئي 1969ع تي جنم وتو.... وڌيڪ پڙهو 1971.05.05ع :   نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو 15 مئي 1971ع تي ڳوٺ نوراجا تعلقي پني عاقل ۾ پورهيت ولي محمد داي... وڌيڪ پڙهو 1974.05.05ع :  سنڌ صوبي جو 34هون گورنر ڪامران ٽيسوري ولد اختر خان ٽيسوري 5 مئي 1974ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سروجني نئڊو **

سروجني نئڊو (بلبلِ هند): هندستان جي نامور سياستدان خاتون، سروجني نئڊو جو جنم بنگال جي برهم نگر ۾، هڪ وڏي برهمڻ خاندان ۾، 13 فيبروري 1879ع ۾ ٿيو. هوءَ پنهنجي پيءُ اگهورناٿ چٽوپاڌيه (چئرجي) جي وڏور ڌيءُ هئي. سندس ماءُ جو نالو وردا سندري ديوي هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ مدراس يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اهو پهريون مثال هو، جو هڪ هندستاني ڇوڪري ايڏيءَ ننڍيءَ عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، نظام سرڪار هن جي ذهانت ڏسي سندس لاءِ اسڪالرشپ منظور ڪئي ۽ هوءَ اعليٰ تعليم لاءِ 1895ع ۾، 16 ورهين جي ڄمار ۾ انگلنڊ وئي، جتي هن انگريزيءَ جو خوب اڀياس ڪيو ۽ لنڊن جي ڪنگس ڪاليج مان ڊاڪٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪري، هندستان موٽي آئي. هن جو والد اگهورناٿ هڪ عالم انسان هو. پنهنجي روزگار سانگي بنگال کان اچي حيدرآباد دکن ۾ گهر ڪري ويٺو، جتي هو تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. سروجنيءَ کي شاعريءَ جو ڪافي شوق هو، جيڪو ورثو کيس ماءُ کان مليو. هن بنگاليءَ ۾ ڪيترا نظم لکيا. انگلنڊ ۾ به هن شاعري ڪئي، جيڪا

’ڍنڍ جي راڻي‘ (Lady of Lake) عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپي، جنهنڪري سندس نالو هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو ۽ کيس ’هن....وڌيڪ پڙهو